شھداپور (ن پ ا)  سرهاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي مسافر بروهي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيل 18 ورهين جي ناري عُظمه بروهي واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي بيڏوهي قرار ڏنو ويو. عظمه قتل ڪيس بابت فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مسٽر شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي،جتي پوليس جاچ بعد جوابدار مقتولا جي چاچي امير بروهي کي بيگناھ قرار ڏئي نالو ڪالم ٽو ۾ رکي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي آگاھ ڪيو ته واردات دوران جوابدار امير بروهي موقعي تي موجود نه هو، جڏهن ته  هُو سرهاري شھر ۾ هو ۽ ڪيس جي شاهدن به سندس نالو ناهي کنيو، ان لاءِ جوابدار جو نالو ڪالم ٽو ۾ رکيو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد مقتولا جي پيءُ علي بخش بروهي کي چالان ۽ نادر بروهي کي روپوش قرار ڏنو ويو. عدالت   شاهدن جي بيانن جي آڌار تي پوليس طرفان پيش ڪيل چالان منظور ڪري ورتو. ياد هجي جوابدارن پاران ڪارنهن الزام ڏئي ناري عظمه بروهي کي گوليون هڻي قتل بعد وارثن طرفان فرياد داخل ڪرائڻ کان انڪار بعد سرڪار طرفان سب انسپيڪٽر سائل رنگ جي فرياد تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي ۽ پوليس پنهنجي ئي داخل فرياد ۾ جوابدار ڄاڻايل امير بروهي کي بيڏوهي قرار ڏئي اهڙو چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.