پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ عطا محمد سولنگيءَ ڀرسان کجين جي باغ مان بجلي جي تارن ۾ وچڙيل ٻن ڄڻن جا لاش هٿ، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي فوتين جا لاش کڻائي خيرپور اسپتال منتقل ڪيا، سڃاڻپ نه ٿي سگهي. رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ لڳ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ عطا محمد سولنگيءَ ڀرسان کجين جي باغ مان ٻن ڄڻن جا بجلي جي تارن ۾ وچڙيل لاش هٿ آيا آهن. اھڙي اطلاع تي وڏا ماڇيون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي فوتين جا لاش کڻائي خيرپور اسپتال منتقل ڪيا. ان حوالي سان وڏا ماڇيون پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع تي پھتاسين ته ٻنهي ڄڻن جا لاش 11 هزار وولٽ بجلي جي تارن ۾ وچڙيل ھئا. بظاهر ٻئي شخص نشئي لڳي رهيا آهن.