ملير(رپورٽر) شاهه لطيف جي علائقي ۾ 6 ورهن جي نينگري ڪبريٰ لاشاري مٿان تشدد ڪري زخمي ڪرڻ ۽ مبينا زيادتي وارو معاملو، جاچ پوليس گرفتار ملزمن کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت پاران ملزم جيل حوالي، نينگري جي پيءِ پاران ملير جي عدالت ۾ سندس مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، خبر موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي حد 22 بي سيڪٽر ۾ 6 ورهن جي نينگري ڪبريٰ لاشاري مٿان مامي سلمان لاشاري، سندس زال ثمرين ۽ سالي غفار پاران بدترين تشدد ڪري زخمي ڪرڻ ۽ مبينا زيادتي واري واقعي بعد جاچ پوليس شاهه لطيف گرفتار ٽنهي ملزمن کي ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو، مئجسٽريٽ پاران ٽنهي جوابدارن کي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ياد رهي ته گرفتار ملزمن مٿان الزام آهي ته انهن نينگري ڪبريٰ لاشاري مٿان بدترين تشدد ڪيو هو جنهن سبب سندس هٿن جو ٽي آڱريون ۽ جسم جا مختلف حصا ڪٽيل هئا نينگري جي ماءَ پاران پنهنجي ڀاءُ سلمان لاشاري ۽ سندس سالي غفار مٿان مبينا زيادتي جو پڻ الزام لڳايو هو جاچ پوليس گرفتار ٻنهي ملزمن جا جزا ڊي اين اي لاءِ موڪليا آهن جن جو  رزلٽ اچڻ جو انتظار آهي، ٻئي طرف نينگري ڪبريٰ جي پيءِ امام دين لاشاري پاران ADJ ملير جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مان ڪبريٰ جو حقيقي پيءِ آهيان ۽ واقعي جي ايف آءِ آر منهنجي مدعيت ۾ نئين سر ڪاٽي وڃي، منهنجي معصوم ڌيءِ سان هيڏو وڏو ظلم ٿيو پر مونکي ڪنهن به قسم جو ڪو اطلاع نه ڪيو ويو.