موهن جو دڙو (ن پ ا ) ڳوٺ غلام حسين ٻُٽ ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل رانجهن ٻُٽ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ اڌڙوٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي.رانجهن ٻٽ کي سندس زال صنم پنهنجي چاهيندڙ نعيم ٻٽ سان گڏجي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش بنا پوسٽ مارٽم جي ڳجهه ڳوهه ۾ دفنايو ويو هو.مقتول رانجهن ٻٽ جي ڀاءُ فتح پور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو،فريادي جي درخواست تي عدالت جي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل ڊاڪٽرن جج جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ جزا ورتا هئا،پوليس مقتول جي گهرواري صنم ۽ سندس چاهيندڙ کي گرفتار ڪيو هو.