نئين ديري ۽ راڻيپور ۾ بدامني خلاف شهري ۽ واپاري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا

0
340
نئين ديري ۽ راڻيپور ۾ بدامني

نئون ديرو/ راڻيپور (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، روزانو ڪيترائي ماڻهو ڦرجي ۽ لٽجي رهيا آهن، نئين ديري ۽ راڻيپور ۾ بدامني خلاف ۽ چوري، ڦر ٿيل ۽ ڌاڙي ۾ ڦريل سامان واپس نه ٿيڻ خلاف واپارين ۽ شهرين پاران احتجاجي  مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

راڻيپور ۾ بدامني  خلاف سرڪي برادري جي ماڻهن ۽ شهرين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

مظاهرين جو چوڻ هو ته راڻيپور شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي،ڦر جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، راڻيپور: پوليس ڪو به ايڪشن  نه کنيو آهي، مختلف علائقن ۾ ٿيل وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

نئين ديري ۾ ايزي لوڊ جي دڪان تان ڦر واري واقعي خلاف شهرين ۽ واپارين  ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون

 هٿياربند ايزي لوڊ دڪان جي مالڪ سعيد ڪوريجو تي تشدد ڪري کانئس 2 لک 20 هزار روپيا روڪ ۽ 3 موبائيل فون سيٽ ڦري ورتا

 مظاهرين جو چوڻ آهي ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ايس ايس پي کان ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو

هي به پڙهندا

حيدرآباد:سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس تي فائرنگ، ڊرائيور مارجي ويو

احتجاج رنگ لاتو، نياز علي ٻرڙو سميت 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري