احتجاج رنگ لاتو، نياز علي ٻرڙو سميت 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري

0
230

ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ جي انڊس هاءِ وي تي تحريڪ انصاف ۽ شهرين جي ٻن ڏينهن کان جاري ڌرڻي ۽ احتجاج رنگ لاتو، رٽرننگ آفيسر گرفتار ڪيل نياز علي ٻرڙو سميت تحريڪ انصاف جي 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن

پي ٽي آءِ اميدوارن جا نتيجا جاري ٿيڻ بعد اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي 36 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سخت ٿڌ ۽ وسڪاري باوجود ڌرڻو هڻي ويٺل شهرين خوشيءَ وچان جهمريون هنيون

 آر او پاران ڪامياب قرار ڏنل پي ٽي آءِ جي ڪائونسلرز ۾ رفيق احمد مهيسر، سيد الطاف شاهه، مسرور حيدر ٻرڙو ۽ گرفتار ڪيل نياز علي ٻرڙو شامل آهن

هوش محمد جانوري، اسماعيل بروهي، رضوان آڳرو ۽ روشن علي کوسو به پي ٽي آءِ جي ڪامياب اميدوارن ۾ شامل آهن

 تحريڪ انصاف ميونسپل ڪميٽي ميهڙ جي 14 وارڊز مان 8 وارڊز تي ڪاميابي ماڻي پنهنجو چيئرمين آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي

هي به پڙهندا

ميهڙ ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ 10 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي، ڌرڻو جاري