حيدرآباد:سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس تي فائرنگ، ڊرائيور مارجي ويو

0
429

حيدرآباد/ ڄامشورو (نمائندن وٽان) حيدرآباد جي سٽي گيٽ وٽ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس تي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ڊرائيور مارجي ويو آهي

يونيورسٽي جي پوائنٽ بس سٽي گيٽ وٽ پهتي ته اڻڄاتل هٿياربندن بس تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ ڊرائيور غلام علي مارجي ويو

مارجي ويل ڊرائيور جو لاش سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو، اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هئڻ تي يونيورسٽي جي ملازمن ۽ اسپتال عملي ۾ ڏند چڪ ٿيا

يونيورسٽي جي ملازمن ۽ ڊرائيورن پاران سٽي گيٽ وٽ پوائنٽ بسون بيهاري احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيوويو

هي به پڙهندا

سجاول جي پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن نوجوانن جي اغوا جي تصديق