نئون ڳوٺ(ن پ ا) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ جاڙو ڪلھوڙو جا رھواسي ڌنار 15 ورھين جو بلال احمد ولد محمد اسماعيل ڪلھوڙو ۽ 16 ورھين جو سھيل احمد ولد لقمان ڪلھوڙو جيڪي چوپايو مال چاريندي سخت گرمي جي ڪري سنڌو درياء جي ڪپر ڀرسان وھجندي تيز پاڻي جي وھڪرن ۾ لڙھي ٻڏي ويا. جن جو اطلاع وارثن کي ساٿي ڌنارن ڏنو، جن پھچي ڳولا ڪئي جنهن ۾ ھڪ ننيگر بلال احمد ڪلھوڙو جو لاش درياء مان ڪڍي ورتو. ٻئي ننگر جي تلاش جاري هئي، جڏهن ته گھر ۾ ڪھرام متل آهي. ڳوٺ جا ڌنار اڪثر ڪري مال جھنگ ۾ چارڻ بعد مجھند جو مينھن کي پاڻي ۾ وھجاريندا ھئا پر ٻن ڏينهن کان درياء ۾ چاڙھ ۽ تيز وھڪرن سبب پاڻ کي سنڀالي نه سگھيا ۽ وڏي پاڻي ۾ ٻڏي ويا.