جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي  صدر ٿاڻي جي حد ڳڙهي سٻايو وٽ پيرسن حنيف بروهي جو گندي پاڻي مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، رهواسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ايس ايچ او صدر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گندي پاڻي مان لاش هٿ آيو اطلاع تي وارث پهچي ويا وارثن موجب ته پيرسن مستانو هو جيڪو گهران نڪري وڃڻ کانپوءِ ٻه ٽي ڏينهن گهر نه ايندو هو، پوليس موجب ته وارثن قتل جو شڪ ظاهر ناهي ڪيو پر ان باوجود به پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي.