سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران مبينا  مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ، 2 فرار ٿي ويا. سکر پوليس جي ترجمان ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد راهوجا واري علائقي ۾ رات دير سان ناڪابندي دوران پوليس شهزور گاڏيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي گاڏيءَ ۾ سوار هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڪار ڦر ۽ چورين ۾ ملوث گينگ جو سرگرم ڏوهاري پنجاب واسي ارشاد مارجي ويو. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس مارجي ويل جوابدار جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.