نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ محراب لاکير واسي نظير احمد سومرو صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي  چيو آهي ته منهنجي ڏوھٽي 15 ورھين جي جميلان سومرو کي پيٽ ۾ سور پيو، جنهن کي  راڌڻ جي نجي اسپتال ۾ کڻي وياسين، جتي ڊاڪٽر علاج دوران نينگري کي 4 کان مٿي ڊپون ۽ سيون ھنيون، جنهن بعد نينگري تڙپڻ لڳي، جنهن بعد ڊاڪٽر علاج جا 6 ھزار رپيا وٺي اسان کي لاڙڪاڻي وڃڻ جو چيو، هن چيو ته اسان ڊاڪٽر کي چيو ته اسان غريب آھيون مريض جي حالت ھتي ئي خراب ٿي وئي آھي، ھتان ڪيئن کڻون، جنهن تي ڊاڪٽر اسان کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته اسان نينگري کي لاڙڪاڻي منتقل ڪري رهيا هئاسين ته رستي ۾ ئي نينگري فوت ٿي وئي، هن چيوته ڊاڪٽر جي لاپرواهي سبب اسان جي نينگري فوت ٿي آهي، نوٽيس وٺي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف پنهنجي اخبار پاران ڊاڪٽر سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس نمبر بند ھو.