ٽنڊو آدم ( ن پ ا ) ٽنڊو آدم ۾ ڪتن 5 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو. قائداعظم ڪالوني ۾ 8 ورهين جي پرڪاش، ڳوٺ ٺارو ابڙو ۾ 30 ورهين جي مسمات عليشا، موچي گلي ۾ 7 ورهين  جي عيان، ڳوٺ دائم ٿهيم ۾  10 ورهين جي نينگري سونيا، ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ 30 ورهين جي فرحان کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو جن کي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ملم پٽي بعد کين روانو ڪيو ويو.