لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي لهر ڪالوني ۾ رهندڙ فنڪارا ليلى سورٺ ۽ شبو لال “حال اسانجو ڪير پڇندو ڪير آ اسان جو هتي” لڙڪ منهنجا ڪير اگهندو “هي پاڻي هتان بلاول ۽ ڊي سي ڪير ڪڍندو ” ڳائي انوکو احتجاج  ڪيو.ان موقعي تي فنڪارا ليلى سورٺ چيو ته لهر ڪالوني ۾ برساتي پاڻي تلاءَ جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي،بدبوءِ ڦھلجڻ ڪري پريشان آهيون.لهر ڪالوني ۾ ڊرينج سسٽم نه هئڻ ڪري پاڻي جمع ٿي ويو آهي، ڪٿان به رستو ناهي.هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻه معصوم ٻارڙا به فوت ٿي چڪا آهن.منهنجو ڀاڻيجو اوچتو گهران نڪري آيو، جنهن جي حياتي هئي جنهن کي ڀائرن ڏسي ورتو ۽ هو پاڻي ۾ ٻڏڻ کان بچي ويو.نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪري صفائي ڪرائي لهر ڪالوني ۾ ڊرينيج جي منظوري ڏئي ناليون تعمير ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن ٽائيم نيوز تي خبر هلڻ بعد ڊي سي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، اسسٽنٽ ڪمشنر ميونسپل جو عملو ساڻ ڪري لهر ڪالوني پهتو.اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  يو سي 10 لهر ڪالوني ۾ پاڻي نيڪال لاءِ فنڪارا ليلى سيسٽرز پاران ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٺندي اسين هتي پهتا آهيون، ڪجهه گهر 5کان 8 فٽ روڊ کان هيٺ آهن جتي گهرن جو نيڪر ۽ برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن ۾ اسين جي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري عملي مشين لڳائي آهي. هوڏانهن ٻئي طرف ليلى سيسٽرز پاران احتجاج جون خبرون چينل تي نشر ٿيڻ کان پوءِ ٽائيم نيوز ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو.