حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي حيدرآباد پوليس لائين مان 12 انسپيڪٽرن کي ڊي ايس پيز جي ماتحت ڊيوٽيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. امجد احمد شيخ انسپيڪٽرن  جي پوليس لائين مان لاڳاپيل سب ڊويزنل آفيسرن وٽ مقررين بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو. نوٽيفڪيشن موجب پوليس لائين مان انسپيڪٽر سڪندر مصطفيٰ ڪنڀار ايڊيشنل ايس ڊي پي او سٽي، شمس الدين کوکر ايڊيشنل ايس ڊي پي او حالي روڊ، انسپيڪٽر امتياز علي ٿيٻو ايس ڊي پي او بلديا، انسپيڪٽر فرزانه نور خاصخيلي ايڊيشنل ايس ڊي پي او قاسم آباد، انسپيڪٽر غلام نبي ڪورائي ايڊيشنل ايس ڊي پي او سائيٽ، انسپيڪٽر عبدالمجيد بروهي ايڊيشنل ايس ڊي پي او مارڪيٽ، انسپيڪٽر امان الله ميراڻي ايڊيشنل ايس ڊي پي او لطيف آباد، انسپيڪٽر محمد اسلم خانزادو ايڊيشنل ايس ڊي پي او ڪينٽونمينٽ، انسپيڪٽر غلام مجتبيٰ شيخ ايڊيشنل ايس ڊي پي او ڦليلي، انسپيڪٽر وزير علي بروهي ايڊيشنل ايس ڊي پي او حسين آباد، انسپيڪٽر مختيار احمد ميمڻ ايڊيشنل ايس ڊي پي او ٽنڊو ڄام ۽ انسپيڪٽر شرجيل حسين منگي کي پوليس لائين مان بدلي ڪري ايڊيشنل ايس ڊي پي او ڇلگري مقرر ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي امجد احمد شيخ ٻڌايو ته ڄاڻايل انسپيڪٽر پوليس لائين ۾ بدلي ٿيل هئا جن کان هاڻي رات جي وقت پيٽرولنگ سميت ٻيا ڪم ورتا ويندا. ايس ايس پي موجب ته شهر ۾ نفري گهٽ آهي ۽ رات جي وقت ڦرلٽ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا ان ڪري ڄاڻايل سمورن انسپيڪٽرن کان سب ڊويزن تي مقرر ڊي ايس پيز مختلف نوعيت جا ڪم وٺندا رهندا ته جيئن شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.