نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان شادي شده نوجوان ناري گهرو اڻبڻت  تان زهريلي دوا پي انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ نهال خان جسڪاڻي ۾ 30 ورهين جي شادي شده ناري راڌا زال هيرو ڪولهي زهريلي زرعي دوا ڇڏي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نئون ڪوٽ آندو اسپتال آندو ويو، جتان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جنهن کي حيدرآباد اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ نئون ڪوٽ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرياڻي موجود نه هجڻ سبب لاش ڊگهڙي اسپرتال نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي مڙس موجب سندس زال گهرو اڻبڻت تان زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،