ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ عورت پسند جي ڀاڄي نه پچائڻ تان مڙس سان ڪاوڙجي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر مان لاش هٿ، خبر موجب ڳوٺ سانڪڙ ۾ 30 سالن  جي شادي شده عورت رتن ٻائي زال ٽيڪم ڪولهي گهر ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، عورت جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي ڏانوڌاندل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال ننگرپارڪر آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب رتن 5 ٻارڙن جي ماءُ هئي، گذريل رات پٽاٽن جي ڀاڄي پچائڻ تان زال مڙس ۾ تڪرار ٿيو، جنهن دوران زال چيو ته آئون  پٽاٽن جي ڀاڄي نه کائينديس، مون کي پسند نه آهي، جڏهن ته مڙس ماني کائي ڊيم تي مزدوري لاءِ روانو ٿيو ته عورت آپگهات ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ خبر پوندي.