رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ويجهو غربت ۽ بي روزگاري مسڪين پورهيت کان حياتي کسي ورتي. ڳوٺ نوراجا واسي 28 سالن جي لونگ چنو مالي پريشانين کان تنگ زهريلي دوا پِي  خودڪشي ڪري ڇڏي. ڏينھون ڏينهن وڌندڙ مھانگائي پورھيت طبقي جون متيون منجھائي ڇڏيون، غريب پورهيت مالي مسئلن جو شڪار ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ نوراجا جي رھواسي پورھيت 28 سالن جي لونگ چنو پڻ مالي پريشانين سبب زهريلي دوا پِي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. نوجوان جي والد محمد آچر چنا ٻڌايو ته پٽ گڏھ گاڏو ھلائي گذر سفر ڪندو هو، گهٽ آمدني ۽ خرچن ۾ واڌ سبب هن سخت پريشان ٿي انتھائي قدم کنيو.