نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو جي پيرڳوٺ پاڙي ۾ نامعلوم هٿياربند ڏوهه جي ارادي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ايسٽ ڪراچي احمد علي شيخ جي سئوٽ پورهيت عنايت شيخ جي گهر گهڙيا ته چورن جي آواز تي گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا، ته هٿياربند ڀاڳين مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گهر ڌڻي عنايت شيخ جو نوجوان پٽ ڪامران شيخ گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي قتل ٿي ويو. فائرنگ ۾ عمران شيخ ۽ چوڪيدار قمرالدين عارباڻي زخمي ٿي پيا،   اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول جي چاچي اختيار شيخ ٻڌايو ته نامعلوم هٿياربند گهر ۾ ڏوهه جي ارادي سان گهڙيا، اسان جي سجاڳَ ٿيڻ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ منهنجو هڪ ڀائٽيو ڪامران قتل ٿي ويو ۽ ٻيو ڀائٽيو عمران ۽ چوڪيدار قمرالدين عارباڻي زخمي ٿي پيا. هن چيو ته   پوليس جي لاپرواهي سبب  جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن  ايس ايچ او نئون ديرو ٻڌايو ته پيرڳوٺ محلي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان جي قاتلن جو پيرو کنيو جيڪو خيرپور جي ڪچي ۾ ناريجن جي ڳوٺ ۾ لڳو جوابدار اڳ ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا.