اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر جعفر لغاري جي وفات تي پارلياماني روايتن موجب بنا ڪاروائي جي ملتوي ڪيو ويو ، ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر  راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو،  اجلاس  ۾  راجن پور مان قومي اسيمبلي جي ميمبر جعفر خان لغاري، لطيف آفريدي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيلن لاءِ دعا ڪئي وئي، وفاقي وزير سيد نويد قمر اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته قومي اسيمبلي جي ميمبر جي وفات سبب پارلياماني روايتن موجب  ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن کان پوءِ اسپيڪر اجلاس اڄ  اڱاري ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.