نئون ديرو:  نئون ديرو شهر جي مصروف علائقي پوسٽ آفيس محلي ۾ شهر جي مشهور ڊاڪٽر سليم الله شيخ جي گهر ۾ 5 اڻڄاتل ڏوهاري ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي سجاڳ ڪري هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻائي ورتو ۽ گهر اندر الماڙين ۽ پيتين جا تالا ٽوڙي 50 تولا سونا زيور، 8 لک رپيه روڪ، 7 لک رپين جا بانڊ، هڪ لائسنس وارو پسٽل ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  اطلاع تي   ڊي ايس پي فدا لانگاهه 4 ڪلاڪ دير سان پهتو ۽ جاءِ واردات جو معائنو ڪرڻ ۽ متاثر ڊاڪٽر کان تفصيل وٺڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. جڏهن ته متاثر ڊاڪٽر سليم الله شيخ موجب ته   گهر ۾ رکيل 50 تولا سونا زيور، 8 لک روڪ، 7 لک جا بانڊ ۽ لائسنس وارو پسٽل ڦر  ڪيو ويو،   پوليس توڙي قانون جي رٽ ڪٿي به نظر نٿي اچي. جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.