نئون ديرو (ن پ ا) پنهنجي اڌ عمر صحافت جي پيشي ۾ رهي غريب، مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جو آواز بڻجي ايوانن تائين پهچائيندڙ سينيئر صحافي عبدالقادر اوڍو جو پوٽو ٻنهي اکين کان محروم ٿي ويو، هن ٻڌايو ته سندس پوٽي جو علاج ملڪ جي ڪنهن وڏي اسپتال يا ٻاهرين ملڪ مان ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ سهائتا جي ضرورت آهي، اکين کان معذور ٿي ويل نينگر نبيل اوڍو ٻڌايو ته هو چوٿين درجي جو شاگرد هجڻ سان گڏ ڪمپيوٽر جي سکيا پڻ وٺندو هو پر 6 مهينا اڳ کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳو، جنهن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس هڪ اک جي روشني گهٽجندي وئي، جنهن جو لاڙڪاڻي مان علاج ڪرايو ويو پر ڪو به فائدو نه پوڻ ڪري ڪراچيءَ مان علاج ڪرايو پر اتان به ڪو فائدو نه پيو، هن چيو ته 6 مهينن جي ٿوڙي عرصي ۾ ٻنهي اکين جي روشني ختم ٿي وئي، سينيئر صحافي عبدالقادر اوڍو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندس پوٽي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.