ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ۾ چار ڏينهن اڳ قتل ٿيل پورهيت محبوب چانڊيو جي وارث عورتن ۽ مردن ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڊکڻ ٿاڻي آڏو رتو ديرو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي امڙ نجما خاتون، ڀيڻ سعيدا خاتون ۽ نينگرين مسڪان ۽ سنڌو چانڊيو چيو ته پورهيت محبوب چانڊيو جو قتل ڪيس ڊکڻ پوليس اڃا تائين داخل ناهي ڪيو، هنن چيو ته پوليس پنهجي مرضي جو ڪيس داخل ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا ڳالهه اسان کي قبول ناهي، هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون جن ماڻهن پورهيت کي قتل ڪيو آهي انهن جا ڪيس ۾ نالا ڏنا وڃن، بعد ۾ ايس ايچ او پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.