ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره ريمي سين چيو آهي ته بگ باس بيڪار شو آهي، صرف پيسن لاءِ ڪم ڪيو، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته بگ باس جي سيزن 9 ۾ ڪم صرف ان جي لاءِ ڪيو ڇو ته کيس گهڻا پيسا ملڻ جي آڇ ٿي هئي، هن چيو آهي ته هو هميشه سوچيندي هئي ته بگ باس هڪ بيڪار شو آهي جتي ماڻهو 3 مهينا صرف ڪافي لاءِ وڙهندا آهن، پر بگ باس تمام گهڻا پيسا ڏيڻ جي آڇ ڪري ٿو ان جي ڪم ڪرڻ تي راضي ٿيس ۽ 49 ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ 25 لک ڏنا ويا، ايتري مختصر وقت ۾ ايترا پيسا ڪير به نٿو ڪمائي سگهي.