ڪراچي:  ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ دوران جهيڙي جي الزام هيٺ گرفتار پي ٽي آءِ جو هڪ ايم پي اي جيل حوالي، ٻيو آزاد، پوليس ڪالهه پي ٽي آءِ جي گرفتار ايم پي ايز رابستان خان ۽ عديل احمد  کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن جو رمانڊ ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رابستان خان کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ايم پي اي عديل احمد کي 50 هزار جي مچلڪن عيوض آزاد ڪري ڇڏيو، واضح رھي ته مڪاني چونڊ دوران ٿيل جھيڙن جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ ايم پي ايز کي گرفتار ڪيو ويو ھو، ٻئي طرف مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته پوليس ايم پي اي رابستان کي تشدد ۾ زخمي ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، هتي ايم پي ايز سان بدترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي، حملو به ايم پي ايز تي  ٿيو،   گرفتار به  انهن کي ڪيو ويو، هن چيو ته ظلم جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن، وقت تبديل ٿيڻ وارو آهي، سڀني کان حساب ڪتاب ڪيو ويندو، ان موقعي تي گرفتار ايم پي اي رابستان خان جو چوڻ هو ته پوليس منهنجو ڪيس داخل ڪرڻ بدران مون کي گرفتار ڪيو ويو آهي.