لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا، راولپنڊي بئنچ جي جسٽس صداقت علي خان گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عدالت طرفان گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي، جسٽس صداقت علي خان چيو ته عدليه قانون ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪندي آهي، فواد چوڌري ميڊيا ۾ هاڻي عدليه کي نشانو بڻايو ته توهين عدالت ڪارروائي ٿيندي…