بدين(رپورٽر) بدين ضلعي جي مڪاني ادارن جي ٿيندڙ اليڪشن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا مڪمل ڪيا ويا آھن ، مليل معلومات موجب بدين ضلعي جي 2 ميونسيپل ڪاميٽين ۽ 10 ٽائون ڪاميٽين جي ٽوٽل 90 وارڊن تي 74 ڪائونسلر اميدوار پيپلز پارٽي جا چونڊجي آيا آھن، جڏھن ته 1اميدوار پي ٽي آء جو، 6 اميدوار مرزا گروپ ۽ جي ڊي اي جا ۽ 6 آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا آھن، جڏنھن ته ٽائون ڪاميٽي گولاڙچي ،ٽائون ڪاميٽي کوسڪي ۽ ٽائون ڪاميٽي ٽنڊو باگو جي ھڪ ھڪ وارڊ تي اليڪشن نه ٿيڻ ڪري خالي ڇڏيا ويا آھن ،ڇو ته انھن وارڊن تي فارم ڀريندڙ ھڪ ھڪ اميدوار فوت ٿي وڃڻ ڪري ٻيھر اليڪشن ٿيندي ، بدين جي ٻن ميونسيپل ڪاميٽين ۽ 9 ٽائون ڪاميٽيز تي پيپلز پارٽي چئرمين ۽ وائيس چئرمين نامزد ڪرڻ لاء اڪثريت حاصل ڪري چڪي آھي ، جڏنھن ته ھڪ ٽائون ڪاميٽي ڪڍڻ تي جي ڊي اي سربراھ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خواھش تحت چئرمين ۽ وائيس چئرمين وارو مرحلو مڪمل ٿيندو . ھوڏانھن ٿيندڙ غير سرڪاري نتيجن موجب ضلعي ڪائونسل جي 68 يوسيز مان ضلعي ڪائونسل تي 62  پي پي اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن , 3 جي ڊي اي جا اميدوار ۽ 1 ايس يو پي اميدوار ڪامياب ٿيو آھي   63 يوسيز تي چئرمين ۽ وائيز چئرمين طور پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آھن ،2 يوسيز تي جي ڊي اي ۽ ھڪ يوسي تي آزاد پينل چونڊجي آيا آھن تلھار تعلقي جي ھڪ يوسي نمبر 17 وسي عادل تي اميدوار پاران عدالت ۾ وڃڻ ڪري ۽ بدين تعلقي جي ھڪ يوسي ڪاضيا واھ تي ٿيندڙ فائرنگ ۽ عملي کي هراسان ڪرڻ سبب چئرمين وائيس چئرمين پينل ۽ ضلعي ڪائونسل جي ٻنھي سيٽن جا نتيجا روڪيا ويا آھن.  هوڏانهن پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بدين ضلعي جي ٻن ميونسپل ڪميٽيز، 10 ٽائونن ۽ 68 يونين ڪائونسلن تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جن کي مبارڪباد ڏيان ٿو جڏهن ته ڪجھه پنجن کان ڇهن سيٽن تي باقي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوارن کٽيو آهي سڄي ضلعي مان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيڻ پ پ جي ڪاميابي آھي ، ھن چيوجيڪي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن اھي عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ آهن ۽ اھي بنا مفادن جي عوام جي خدمت ڪندا. هوڏانهن وارڊ نمبر 12 تي پيپلز پارٽي جو اميدوار وڏيرو علي شير جوڻيجو  وڏي ليڊ سان ڪامياب ٿيڻ تي وارڊ جي عوام ۽ جوڻيجا بردري پاران پير چوڪ بدين کان دھل شرناين سان سوين گاڏين جي شاندار ريلي ڪڍي وئي.