ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل، صوبائي اليڪشن ڪمشنر آءِ جي سنڌ کي خط لکي فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وري ڪميشن  جي سيڪريٽري  کي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي نگراني لاءِ ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته  سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي نگراني سيڪريٽري ڪندو هوڏانهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر آءِ جي سنڌ کي خط لکي فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 15 جنوري تي چونڊون ٿينديون، امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وڃي، شفاف چونڊن لاءِ پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن لاءِ امن وارو ماحول هئڻ ضروري آهي، موجوده سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو وڃي ته  جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي،