ڪراچي : اليڪشن شيڊيول کانپوءِ ميونسپل ايڊمنسٽريٽرن سميت ڪيترن آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ٿيون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري کي حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊ کان اڳ آفيسرن جي بدلين ۽ ايڊمنسٽريٽرن جي مقررين خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ شهري خادم حسين جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن شيڊيول جاري ٿيڻ کانپوءِ  ٿيل مقرريون غير قانوني آهن، جنهن تي چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اي جي صاحب! ٻڌايو ته بدليون واپس ٿيون؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته غير قانوني ڀرتين ۽ بدلين جا آرڊر واپس ورتا ويا آهن، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽرن کي اڃا تائين ناھي هٽايو ويو، چيف جسٽس چيو ته ڇا هاڻي ناظر وڃي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري چيڪ ڪندو؟ عدالت چيف سيڪريٽري کان حلفيه بيان طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته اليڪشن جي شيڊول کانپوءِ ڪيتريون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن؟ عدالت بدلين ۽ مقررين بابت رپورٽ حلف نامي سميت اڄ 11 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.