ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊون  پراڻين  تڪبندين تي ئي ٿينديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جون ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ  مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبنديون ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏيڻ لاءِ 8 کان وڌيڪ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته تڪبندين تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به  اهڙين درخواستن کي رد ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور چيو ته  هتي ٽائونن جي تڪبندين جو مسئلو آهي، موجوده درخواستون ووٽرن طرفان تڪبندي اپيلٽ اٿارٽي جي فيصلي خلاف آهن، سنڌ حڪومت اورنگي ٽائون، مومن آباد، بلديه، نارٿ ناظم آباد، ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ غير منصفاڻيون تڪبنديون ڪيون آهن، عدالت شنوائي 2 ڪلاڪ ملتوي ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي جي شروعات ۾ ايم ڪيو ايم جون ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته  عدالت مڪاني چونڊن بابت ٻيون درخواستون  وڪيلن جي غير حاضري سبب 25 جنوريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏيون، واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ نيون تڪبنديون ڪرائڻ ۽ اليڪشن ڪميشن پاران جاري نوٽيفڪيشن جي حيثيت غير قانوني ھئڻ خلاف درخواستون داخل ڪيون ھيون، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ وري فوري مڪاني اليڪشن ڪرائڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون هيون، هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي درخواست تي جسٽس جنيد غفار ٻڌڻي کان انڪار ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو هو.