مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي سکر واسين جا ڀاڳ کلي ويا، ورھين کان غير فعال 40 فلٽر پلانٽس بحال

0
203
مڪاني چونڊون

سکر (بيورو رپورٽ)مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي سکر واسين جا ڀاڳ کلي ويا، شھرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي لاءِ ورھين کان غير فعال ۽ 17 نئين فلٽر پلانٽس سميت 40 کان وڌيڪ فلٽر پلانٽس بحال ٿي ويا

تفصيل موجب مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي سنڌ ۾ حڪمران پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ شھرين جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن، سنڌوءَ ڪناري آباد سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي وارو بنيادي مسئلو ورھين کان حل ناھي ٿي سگھيو

مختلف وقتن تي شھرين کي پاڻي جي فراھمي لاءِ فلٽر پلانٽس قائم ڪيا ويا آھن، جيڪي ڪجھه وقت کان به غير فعال ٿي وڃن ٿا، ورھين کان غير فعال ۽ 17 نئين فلٽر پلانٽس سميت 40 کان وڌيڪ فلٽر پلانٽس جو ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميئر ۽ وڏي وزير جي خاص معاون ارسلان اسلام شيخ طرفان ھڪ ئي ڏينھن ۾ افتتاح ڪيو ويو آھي

مليل ڄاڻ موجب في فلٽر پلانٽس 14 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آھي، لکين روپين جي لاڳت سان في فلٽر پلانٽ تيار ڪيو ويو آھي، يا وري اُن جي مرمت ڪئي وئي آھي

وڏي وزير جي خاص معاون معصوم شاھ لائبريري، پراڻي سکر، ڊسٽرڪٽ جيل، روينيو ڪالوني شاليمار، جند پير، حيدري مسجد پراڻو سکر، ٽانگ اسٽينڊ پراڻو سکر، لطيف پارڪ، وسپور محلا، اسلام اسڪول نزد جنات بلڊنگ پراڻو سکر، مائڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، گرلز اسڪول قريشي ڳوٺ، نيوپنڊ، سول اسپتال، ٽڪر محلا، لوڪل بورد، ريجنٽ ڦاٽڪ، منزل گاھ، ميونسپل واٽر ورڪس، جناح چوڪ، فريئر روڊ، مياني روڊ، نصرت ڪالوني 3، ٽانگا اسٽينڊ نزد گھنٽا گھر، نئون ڳوٺ ڊسپينسري، شمس آباد، ھاءِ ڪورٽ روڊ، ھاڪي گرائونڊ، گرم گودي، ملٽري روڊ، ڳوٺ گل لٻاڻو نزد اين آءِ سي وي ڊي، ماڪا ڳوٺ، سبزي منڊي، سائيٽ ايريا، گوليمار وارا علائقا شامل آھن

ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير جي خاص معاون ارسلان شيخ جو چوڻ ھو ته شھرين کي صاف پيئڻ جو پاڻي گھرن تائين فراھم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا، جنھن لاءِ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاھه کان بجيٽ منظور ڪرائي آھي اميد آهي ته ان منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ تحت ڪم شروع ڪيو ويندو

جڏھن ته غير فعال فلٽر پلانٽس کي به جلد فعال ڪيو ويندو. في فلٽر پلانٽس ۾ 5 ھزار گيلن پاڻي جي گنجائش آھي جڏھن ته ٽن سالن تائين فلٽر پلانٽس جي سار سنڀال ۽ مرمت ڪانٽريڪٽر جي ذميواري ھوندي

بلدياتي اليڪشن متعلق ھن وقت تائين پارٽي ڪنھن به اميدوار جو اعلان ناھي ڪيو، اميدوارن متعلق فيصلو پارٽي طرفان جوڙيل ڪاميٽي ڪندي. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ، اڳوڻي يوسي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالخالق جتوئي، ياسين آرائين ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊون: جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ غير فعال،پ پ ۾ ٽڪيٽن تي ڏڦيڙ برقرار