مڪاني چونڊون: جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ غير فعال،پ پ ۾ ٽڪيٽن تي ڏڦيڙ برقرار

0
357
مڪاني چونڊون: جيڪب آباد

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مڪاني چونڊن جو چهچٽو تيز ٿي ويو آهي، اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻيون شروع ٿي ويون آهن، مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ لاءِ ضلعي ۾  پي ٽي آءِ غير فعال بڻيل آهي، پي ٽي آءِ پاران جيڪب آباد ضلعي جي 44 يوسيز، ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد، ميونسپل ڪميٽي ٺل، ٽائون ڪميٽي ڳڙهي خيرو، سهراب خان سرڪي ۽ ميرپور ٻرڙو تي اميدوار سامهون نه اچي سگهيا آهن نه ئي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن جڏهن ته پيپلزپارٽي کي ضلعي ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جي يو آءِ ۽ قومپرست جماعتون عملي طور تي سرگرم نظر اچي رهيون آهن، جي يو آءِ پاران جيڪب آباد جي 44 يوسين ۽ ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو جي وارڊن تي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪجهه اميدوارن کي فائنل ڪيو ويو آهي

جڏهن ته جي يو آءِ جيڪب آباد جي ضلعي امير کي هن وقت تائين 200 اميدوارن پاران ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ درخواستون ملي ويون آهن جڏهن ته ٺل جي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊن تي جي يو آءِ، ايس يو پي ۽ آزاد ميمبرن پاران گڏجي اليڪشن وڙهڻ جون ڳالهيون طئي ٿيون آهن جن جو اڃان تائين باضابطا طور اعلان ناهي ڪيو ويو

جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو پاران به ٺل ۾ پنهنجي برادري ۽ حمايتن کي پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن جي سپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جيڪب آباد ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سڄي ضلعي ۾ پيپلزپارٽي سرگرم بڻيل آهي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاران ڪارنر گڏجاڻيون به تيز ڪيون ويون آهن.پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جيڪب آباد، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو ۾ گڏجاڻيون ڪري ٽڪيٽ ڏيڻ بابت اسٽيڪ ھولڊرن سان گڏجاڻيون ڪري راءِ ورتو آهي جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ منظور خان پنهور پاران به مڪاني چونڊن بابت پنهنجي ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ ڪيهر، بروهي، انڙ، مڱريا، سٻايو، جتوئي، بگٽي، ڪٽا، سڌايو ۽ پنهور برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي آهي مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي يوسين ۾ گڏجي لائحه عمل جوڙڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. هوڏانهن پيپلزپارٽي ۾ يوسيز ۽ وارڊن تي ٽڪيٽون ڏيڻ جي معاملي تي ڏڦيڙ سامھون اچي رهيو آهي جنهن سبب پيپلزپارٽي جي قيادت يوسين ۽ اڪثر وارڊن تي اميدوارن کي فائنل ڪري ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان نه ڪري سگهي آهي

پيپلزپارٽي پاران جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جي 31 وارڊن تي اڃان تائين اميدوار فائنل نه ٿي سگهيا آهن گهڻائي درخواستون ملڻ سبب پيپلزپارٽي جي قيادت به منجهاري جي شڪار ٿي وئي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران ٽڪيٽن جو اعلان ٿيڻ بعد ميونسپل جي وارڊن ۽ يوسين تي مخالفن کي فائدو رسڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ڇو ته جنهن کي پيپلزپارٽي پاران ٽڪيٽ جاري نه ڪيو ويو ته اهو مخالف پينل ۾ وڃي اليڪشن ۾ حصو وٺندو. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ جيڪب آباد جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي جي 44 يونين ڪائونسلز ۽ وارڊن تي اميدوار بيهاري پيپلزپارٽي کي اليڪشن ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏئي سخت مقابلو ڪيو ويندو.  هن چيو ڳڙهي خيرو ٽائون ۽ ٺل ميونسپل تي وارڊ ميمبر فائنل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي 31 وارڊن مان 20 وارڊن تي اميدوار فائنل ٿيل آهن ۽ ٻيا به اميدوار فائنل ڪيا ويندا

هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلزپارٽي قيادت ۽ اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ويجهن ساٿين جو اتحاد لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن جيڪي جي يو آءِ جي صوبائي قيادت آڏو رکيون ويون آهن ڇو ته اتحاد ڪرڻ بابت فيصلي جو اختيار صوبائي قيادت کي آهي.ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر لياقت علي لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي پاران ضلعي جي يوسيز ۽ وارڊن تي اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن پر عارضي طور انهن جا نالا ظاهر ڪرڻ واري عمل کي پينڊنگ ۾ رکيو ويو آهي ڇو ته ڇنڊڇاڻ جي عمل مڪمل ٿيڻ بعد آفيشلي طور اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو

هن چيو ته پيپلزپارٽي ۾ تازو شامل ٿيندڙ ڪجهه اسٽيڪ ھولڊرن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن، اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ گهڻن ماڻهن درخواستون ڏنيون جيڪي نالا فائنل ٿيندا ته پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل سڀ ماڻهو ان جي سپورٽ ڪندا باقي فطري طور اهو ٿيندو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي ٽڪيٽون نه ملنديون آهن ته اهي مخالفت ڪندا باقي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل پراڻا ماڻهو پيپلزپارٽي سان ئي گڏ رهندا هن چيو ته ضلعي ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڪجهه پارٽين سان اتحاد لاءِ به ڳالهيون هلي رهيون آهن

ھي به پڙھندا

قومپرست پارٽيز پ پ مخالف پارلياماني اتحاد تي متفق نه ٿيون!: 20 مئي تي ٻيهر اجلاس طلب