تحريڪ عدم اعتماد کان هڪ ڏينهن اڳ فوري چونڊون يا مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي: بلاول ڀٽو زرداري

0
217
تحريڪ عدم اعتماد کان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انڪشاف ڪيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ جي هڪ ڏينهن اڳ مون ڏانهن پيغام آيو ۽ مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، هڪ ڏينهن اڳ فوري اليڪشن يا مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي اعتمادي واري رٿ جي هڪ رات اڳ مون کي پيغام موڪليو ويو ۽ مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، وزير جي ذريعي حڪومت ڌمڪي مون تي پهچائي، فوري چونڊون يا وري مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي

هن چيو ته اسان اهي غير جمهوري قوتون نه آهيون جيڪي پهريان چوندا هئا اڳ ۾ احتساب ٿئي ۽ چونڊون، اسان پوليٽيڪل انجنيئرنگ تي يقين نه ٿا رکون، اسان جو اڳ ۾ به مطالبو رهيو آهي ته سڌارا آڻيون اسان جمهوري قوتون آهيون ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا

هن چيو ته اسان اڳ ۾ به اهو ئي مطالبو هو ته پهرين چونڊن سڌارا ڪنداسين، هي پيپلز پارٽي جي واضح پاليسي آهي

هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو جمهوري ۽ آئيني قدم خلاف ڪهڙو رد عمل رهيو؟ اڳوڻي وزيراعظم کان پڇو ته هن چئن سالن ۾ ملڪي معيشت سان ڪهڙي راند کيڏي؟ اڳوڻي وزير اعظم کان پڇو ته توهان پنهنجي ضد جي ڪري عالمي سطح تي پاڪستان کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي

ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، والاريل ڪشمير ۾ حد بندي ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي حڪومت نيون حد بنديون ڪري والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان ڀارتي نمائيندي کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو

هن چيو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو عالمي برادري آڏو بار بار اٿاريو ويندو، ايوان ان معاملي تي متفقه ٺهراءُ پاس ڪندو، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو

ھي به پڙھندا

فوج غير سياسي ٿي آهي ته جنرل باجوه کي سليوٽ ڪرڻ گهرجي يا وڙهڻ گهرجي؟: آصف زرداري