ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڊاڪس پوليس شهر جي مڇر ڪالوني واقعي ۾ وڌيڪ 5 جوبدار گرفتار ڪري ورات ،جن کي ڪالهه دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر  اڳڀرائپ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته جوابدار هاشم پنهنجن ساٿين سان گڏجي ٽيلي ڪام ڪمپني ملازمن جي گاڏي کي روڪيو هو، وڊيو ۽ جاچ جي مدد سان تشدد ۾ ملوث ٻين ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، جاچ آفيسر موجب هن وقت تائين 38 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  جن مان 20 جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ٿي چڪي آهي، عدالت 5 جوابدارن کي 28 نومبر تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي چالان طلب ڪري ورتو.