جهڏو (ن پ ا) جھڏي ۾ مستانو شخص ڳلو ڪپي بيدردي سان ڪهي قتل، درگاهه ڀرسان لاش هٿ، ان ڏس ۾  جهڏو باءِ  پاس ويجهو  درگاهه ملوڪ شاهه تي نامعلوم جوابدارن 55 ورهين جي مستاني شخص غلام عباس عرف گلو ولد محمد ابراهيم ڪھيري کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي بيدردي سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، درگاهه ڀرسان ڳلو ڪپيل لاش ڏسي درگاهه جي مجاور پاران پوليس کي اطلاع ڪيو ويو،  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،   ان حوالي سان پوليس موجب ته قتل ٿيل شخص مستانو هو ۽ درگاھ تي ئي رهندو هو، قتل جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،   پوليس شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.