ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي بينڪ ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار، ييلو لائين جي پي سي ون ۽ 2 متبادل تجويزن تي تفصيلي غور ويچار ڪرڻ بعد هڪ هفتي ۾ حتمي فيصلو ڪرڻ تي اتفاق،ان ڏس ۾  اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان عالمي بينڪ جي سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ لنڪن فلور ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ييلو لائين جي پي سي ون ۽ 2 متبادل تجويزن تي تفصيلي غور ڪرڻ بعد وڌيڪ اجلاس ڪوٺائي هڪ هفتي ۾ حتمي فيصلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته ييلو لائين کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ پي سي ون کانسواءِ متبادل تجويزون مرتب ڪيون آهن، ڪجهه مهينا اڳ 8 ارب جي لاڳت سان شروع ڪيل پيپلز بس اين آر ٽي سي جي ڀائيواري سان هلائي پئي وڃي ، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ييلو لائين پراجيڪٽ به ماڊل پراجيڪٽ ٿئي