مٽياري (رپورٽر) مٽياري پوليس ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪري  22 کان مٿي منشيات فروش ۽ 4 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي . ان ڏس ۾ پوليس موجب ڪارواين دوران 2 بندوقون، پستول، گوليون، چرس، آفيم، ڪچو پڪو شراب ۽ مين پڙي وڏي تعداد ۾ هٿ آيو آهي. پوليس موجب مٽياري، سيکاٽ، کيبراڻي، اڏيرولالوليج، شاھپوردرپور،اڏيرولال اسٽيشن، ڀٽ شاهه ۽ نيوسعيدآباد ٿاڻن جي حدن ۾ ڪاروائيون ڪري ڪيس داخل ڪيا، گرفتار ٿيلن ۾ پوڙهل مجيداڻو، نصير، اشتهاري ڏوهاري شوال ماڇي، غلام نبي، عظيم ماڇي، بشير ماڇي، شاهد عرف بابو کوسو، رب ڏنو سنگراسي، سڪندر علي، ناصر ميمڻ، علي گل، عبدالصمد ۽ عبدالرزاق کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس سالارو پوليس حسين بخش جکراڻي، رحمدل جکراڻي کي گرفتار ڪري 2 بندوقون ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا.