ٻيلو شھر( ن پ ا) گذريل رات ٻيلو شھر جي وچ بازار ۾ ايچ ايس ٽي استاد رمضان ميمڻ جي دڪان جو چور دروازو ٽوڙي دڪان ۾ پيل ڪيش رقم   ۽ 50 هزار جي ماليت جو سامان چوري ڪري ويا جڏهن ته ساڳي گذريل رات ٻيلو سجاول روڊ تي پٺاڻ   واھ اسٽاپ وٺ ٻن نامعلوم هٿياربندن سجاول کان ٻيلوطرف ايندي احمد علي خاصخيلي  رجب خاصخيلي  کي هٿيارن جي زور تي روڪي  موٽرسائيڪل 20 هزار روپيه ڪيش  موبائل فون ڦر ڪري ڦرار ٿي  ويا.