خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي حد ۾ بد امني چوٽ چڙهيل آهي، چوريون، ڦرون روز مرھ جو معمول بڻيل آهي، گذريل رات دير سان خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ يوسف  نائچ ۾ نامعلوم چور هاءِ اسڪول خيرپورناٿن شاھ جي سينيئر استاد وزير احمد نائچ جي گهر ۾ گهڙي ٽن ڪمرن جا ڇت ڀڃي 5 لک روپين جي لاڳت سان سونا زيور، 60 هزار روپيا ڪيش ان سان گڏ گهر جو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، جڌهن ته پوليس اگهور ننڊ ستل آهي ڳوٺاڻا توڙي شهري غير محفوظ بڻيل آهن.