مٽياري (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ضلعي مٽياري اندر گذريل سال جي برسات سبب متاثر گهرن جي تعمير جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو، ڪل 46 هزار 698 برسات متاثرن جا گهر تعمير ڪيا ويندا، ڊپٽي ڪمشنر سيد جواد مظفر پاران اين آر ايس پي ۽ بينڪ مينيجرز کي متاثرن جا بينڪ اڪائونٽ کولڻ سميت ٻيون گهرجون جلد پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان حوالي سان  لاڳاپيل ادارن جو ورڪشاپ ڊپٽي ڪمشنر سيد جواد مظفر جي صدارت هيٺ ڊي سي سيڪريٽريٽ مٽياري ۾ ٿيو جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد جنيد شاھ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رفيق جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل احمد سوھو، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام(اين آر ايس پي) جي ريجنل مينجر غلام مصطفي ڄامڙو، ڊسٽرڪٽ پروگرام آفيسر فوزيه خاصخيلي، جنيد ڀرگڙي سميت ٻين عملدرارن شرڪت ڪئي. اين آر ايس پي عملدارن پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 197 متاثرن جا بينڪ اڪائونٽ کلي ويا آهن، 266 اڪائونٽ کلڻ جي مرحلي ۾ آهن. ڊپٽي ڪمشنر سيد جواد مظفر چيو ته گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي گهرن جي تعمير لاءِ سنڌ حڪومت خصوصي اپاءَ وٺي رهي آهي ته جيئن متاثرن جي مڪمل بحالي يقيني بڻائي وڃي، هن بينڪ مينيجرز کي متاثرن جا اڪائونٽ کولڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سڀني لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ذميواري آهي ته هو متاثرن جي مڪمل بحالي لاءِ ڀرپور قدم کڻن.