ٽنڊوالھيار (ن پ ا) چمبڙ ويجھو ڳوٺ ڳاڙھو خان لنڊ جي رھواسين جو پنج مھينن کان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾استاد نه ھئڻ ڪري ڳوٺاڻن جو اسڪول جي شاگردن سميت چمبڙ ۾ تعلقا ايجوڪيشن پرائمري بوائز آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو آهي. احتجاج دوارن ميڊيا سان ڳالھائيندي محبوب لنڊ، ارباب رستماڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پنج مھينن کان اسڪول ۾ ڪو به استاد مقرر نه ھجڻ ڪري اسان ڪافي ڀيرا ٽي اي او تعليم چمبڙ کي شڪايت ڪئي آھي، پر ڌيان نٿو ڏنو وڃي اسان جي ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رھي آهي، انھن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري بند پيل اسڪول کولرايو وڃي ٻئي پاسي پ ٽ الف جا اڳواڻ احتجاج تي پھتا ۽ احتجاج تي ويٺل ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينھن اندر اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏيڻ جو چيو تنھن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.