جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد پوليس جي زيادتين خلاف سنڌ بلوچستان جي ٽرانسپورٽن جو احتجاجي مظاهرو قومي شاهراهه تي ڌرڻو خبر موجب جيڪب آباد پوليس جي زيادتين خلاف سنڌ بلوچستان جي ٽرانسپورٽن پاران غلام رسول بروھي ۽ امان الله پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي شنبي شاهه چوڪي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جو قطارون لڳي ويون ان موقعي تي ٽرانسپورٽ اڳواڻن جيڪب آباد پوليس تي الزام مڙهندي چيو ته شنبي شاهه چوڪي تي بلاجواز ڊرائيورن کي تنگ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو عام واهپي جون شيون کڻي اچڻ تي رشوت گهري پئي وڃي رشوت نه ڏيڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏي کي بيهاري ڊرائيورن جي تذليل ڪئي پئي وڃي هنن چيو جيڪب آباد پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪب آباد پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو ان موقعي تي صدر پوليس لڳل ڌرڻي واري هنڌ پهچي ٽرانسپورٽ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته بلاوجه ڪنهن به گاڏي کي نه روڪيو ويندو جنهن کانپوءِ مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو، هوڏانهن قبوسعيدخان  ربي پل ٿاڻي  جي حدسنڌ بلوچستان جي بارڊر علي آباد چونڪي ۾ آل گڊز ٽرانسپوٽرن  طرفان اڄ ٻئي ڏينهن به  پوليس گردي خلاف مين گوادر موٽروي  روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو جاري رهيو مظاهري  سبب ٻئي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنھن سبب مسافرن سخت گرمي سبب سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻو پيو ان موقعي تي ڳالھائيندي ال ٽرانسپوٽ اتحاد بلوچستان جي صوبائي صدر حاجي نورمحمد  شانواني  خضدار جي صدر عبدالمالڪ بروھي جنرل سڪريٽري حاجي رحيم بخش بروھي محمد ايوب بروھي رسول بخش بروھي غلام علي بروھي ۽ ٻين چيو ته ربي پل پوليس سنڌ بلوچستان جي آخري بارڊر علي آباد وٽان گذر ٽرانسپورٽرن کي بنا وجهه تنگ ڪري رھي آھي ۽ ھر گاڏي کان 40 هزار کان هڪ لک روپيا ڀتو وصول ڪري رهي آهي ڀتو  نه  ڏيڻ تان پوليس اھلڪارن گاڏين کي روڪي پنهنجي پرائيوٽ جڳهن تي بيهاري رشوت وصولي بعد چڏين ٿا ھنن آء جي سنڌ  ڊي آءۡ  جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين وس وارن کان پرزور اپيل ڪئي ته اسان گڊز ٽرانسپوٽرن سان انصاف رشوتخور پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي وڃي ٻئي صورت ۾ ھنن چيو ته شڪار پور رتوديرو بلوچستان  جي شھر خضدار ۽ حب شھرن جي مين تي ڌرڻو ھڻن جو اعلان ڪيو ويو آھي ٻئي طرف ڊي ايس پي يارمحمد رند رابطوڪرڻ تي چيو ته مذڪورھ   گڊٽرانسپورٽ جي احتجاج ڪندڙ گاڏي وارن 700 کان 1200سو ليٽر تيل جون ايڪسٽا تيل ٽانڪيون فل ڪري  بلوچستان کان سنڌ طرف اسمگلگ ڪري رھيا آھن  جيڪا غيرقانوني عمل آھي جنهن کي روڪڻ تي ٽرانسپورٽ بليڪ ميليگ ڪرڻ تي لھي آھيا آھن واضع رهي ته 48 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي. ٻئي طرف ڪچي پل ۾ ربي پل ٿاڻي  جي حد سنڌ بلوچستان  جي سرحدي  بارڊر علي آباد چونڪي ۾ آل گڊز ٽرانسپوٽرن  طرفان اڄ ٻئي ڏينهن به  پوليس گردي خلاف مين گوادر موٽروي ايم ايٽ  روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو جاري رهيو مظاهري  سبب ٻئي پاسن کان  گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنھن سبب مسافرن سخت گرمي سبب سخت تڪليفن کي منھن ڏيندا رهيا  ان موقعي تي ميڊيا سان  ڳالھائيندي آل گڊز ٽرانسپوٽ اتحاد بلوچستان جي صوبائي صدر حاجي نورمحمد  شاهواني ،خضدار جي صدر عبدالمالڪ بروھي جنرل سڪريٽري حاجي رحيم بخش بروھي محمد ايوب بروھي رسول بخش بروھي غلام علي بروھي ۽ ٻين چيو ته ربي پل پوليس سنڌ بلوچستان جي آخري بارڊر علي آباد وٽان گذر ٽرانسپورٽرن کي بنا وجهه تنگ ڪري رھي آھي ۽ ھر گاڏي کان 40 هزار کان هڪ لک روپيا ڀتو وصول ڪري رهي آهي ڀتو  نه  ڏيڻ تان پوليس اھلڪارن گاڏين کي روڪي پنهنجي پرائيوٽ جڳهن تي بيهاري رشوت وصولي بعد چڏين ٿا ھنن آء جي سنڌ  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين وس وارن کان پرزور اپيل ڪئي ته اسان گڊز ٽرانسپوٽرن سان انصاف رشوتخور پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي وڃي. ڌرڻو  48 ڪلاڪن کان جاري آهي