مٽياري (رپورٽر) مٽياري ايجوڪيشن اينڊ ورڪس کاتي جي نااهلي جو هڪ ٻيو واقعو سامهون اچي ويو آهي، کاتي پاران مالڪي نه ڪرڻ تي اسڪول جي اڻپوري بلڊنگ ۾ ٻڪرين جا واڙا قائم ٿيل آهن. ان ڏس ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي بوائز هاءِ اسڪول ٽو جي بلڊنگ 1.5 ڏيڍ ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيڻ وارو گورنمينٽ هاءِ اسڪول بلڊنگ 2 جو ڪم اٺ سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، اسڪول جي جي بلڊنگ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو، ڳوٺاڻن تعمير ٿيل ڪلاس رومن ۽ اسڪول جي بلڊنگ جي حصي ۾ ٻڪرين جا واڙا قائم ڪري ڇڏيا، جڏهن ته نئين تعمير بلڊنگ ۾ هيروئنين جا اڏا قائم ٿيل آهن، ڪمرن ۾ ڪچرن جي ڍير پيل آهن. ايجوڪيشن اينڊ ورڪس کاتي پاران بلڊنگ جي مالڪي نه ڪرڻ سبب بلڊنگ هنڌان هنڌان ڏارجي وئي آهي. ياد رهي ته سال 2009 ۾ اڳوڻي ايم پي اي پير امير شاهه هاشمي اسڪول جي بلڊنگ جي اسڪيم منظور ڪرائي هئي، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايجوڪيشن اينڊ ورڪس کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هاءِ اسڪول بلڊنگ ٽو جي بجيٽ روائيس ٿيڻ لاءِ ويل آهي، جئين بجيٽ روائيس ٿي ايندي ته اسڪول جي عمارت جو رهيل ڪم مڪمل ڪيو ويندو. ياد رهي ته اٺ سالن گذرڻ باوجودهه ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر جي جي اسڪول بلڊنگ ٽو جي بجيٽ به فنانس کاتو روائيس نه ڪري سگهيو آهي،