سجاول (رپورٽر) سجاول ڀرسان اسٽاپ خضر آباد وٽ خضر آباد هاءِ اسڪول جو ٽرانسفارمر2 مهينن کان خراب هجڻ ڪري اسڪول جي بجلي بند هجڻ خلاف شاگرد ۽ استاد روڊن تي نڪري آيا، جاتي_سجاول روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، سخت نعري بازي، ان موقعي تي اڳواڻن دانيهندي چيو ته اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، گرمي ۾ شاگرد بي هوش به ٿي وڃن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر ٺهرائي اسڪول جي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي طرف ڊي ايس پي سجاول گل عباس پٺاڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.