نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد گورنمنيٽ بوائز ھاءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران “سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو” جي سري هيٺ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل ايڪتا ڏينھن 5 ڊسمبر کي عيد جيان ملھائڻ جو اعلان ڪيو آهي. گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول نصيرآباد جي ھيڊ ماستر مختيار علي واھوچو چيو ته 5 ڊسمبر اسان لاءِ عيد جيان خوشين جو ڏينھن آھي اسان ھن ڏينھن تي ڀرپور نموني سان اسڪول پاران شاگردن ۽ استادن سان گڏجي ثقافتي ريلي ڪڍنداسين، سينئراستاد علي اڪبر ڪانڌڙو چيو ته پنھنجي اخبار وارن کي جس ھجي جن قومي ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي نوجوان ٽيچر نجي الله چنا چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ھن ڀيري جيڪو 5 ڊسمبر جي ڏينھن کي جيڪو عنوان ڏنو آھي سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو شاندار ڪم آھي واقعي به سنڌو سلامت ھوندو ته قوم ھوندي. فقير اياز ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۽ سنڌو صدين کان آھن ۽ سدائين رھندا ۽ قوم سجاڳ ڪرڻ سميت تعليم کي عام ڪيو وڃي. سعيد احمد لوھار، امداد تنيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سنڌي قوم کي گڏ ڪرڻ تي علي قاضي جس لھڻي ثقافتي ڏينھن درياءَ جا ڏينھن زندهه قومون ملھائينديون آھن اسان جو سنڌو ۾ واقعي به ساهه آھي سنڌو ڏانهن جيڪو به ميري اک کڻي ڏسندو اھا اک سلامت نه ھوندي ھنن اعلان ڪندي چيو ته اسان 5 ڊسمبر تي قومي جوش ۽ جذبي سان ايڪتا ڏهاڙي کي پنھنجي اخبار سان گڏجي ملھائينداسين.