حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ چيل کي يوسي فقير عبدالله ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جي رپورٽ رد ڪندي ٻن ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڳوٺ چيل سان تعلق رکندڙ مشتاق احمد درخواست داخل ڪرائي هئي ته سندن ڳوٺ مٺي تعلقي ۾ آهي پر اليڪشن ڪميشن پاران ڳوٺ کي عمرڪوٽ تعلقي جو ڳوٺ ڄاڻائي يوسي فقير عبدالله ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ علائقي واسين جا ووٽ مختلف هنڌن ڏانهن ورهائجي ويندا ۽ اڪثر ماڻهو پولنگ اسٽيشنون تبديل ٿيڻ بعد ووٽ به نه ڏئي سگهندا. ٻڌڻي جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ڪئي. وڪيل آگاهي ڏني ته ڳوٺ عمرڪوٽ تعلقي ۾ نه آهي پر تنهن باوجود ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا عملدار غلط رپورٽون پيا پيش ڪن. عدالت عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل ڳوٺ جي ٻيهر سروي ڪئي وڃي.