ڪيٽي بندر ( ن.پ.ا) تعلقي ڪيٽي بندر جي ٽن يونين ڪاؤنسل تي 93 اميدوارن نامينيشن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا . اليڪشن۾ ٽن يوسيز تي پ پ ء آزاد اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو . پ پ شھيد ڀٽو پارٽي به ميدان۾ اچي وئي.اليڪشن ڪميشن پاران  نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي ڪالھه آخري ڏينهن تي تعلقي ڪيٽي بندر جي  ٽن يونين ڪائونسل يوسي ٻگھاڻ تي 42 اميدوارن پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا.جڏھن ته يوسي ڪيٽي بندر تي  25 ۽ يوسي ٻيٽ مھيار تي 26 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ھوڏانھن يوسي ٻگھاڻ تي پ پ شھيد ڀٽو جي 9 اميدوارن پڻ فارم جمع ڪرايا آهن . جڏهن ته يوسي ٻيٽ مھيار تي  ھڪ اميدوار تحريڪ لبيڪ پاڪستان پڻ فارم ڀرايو آهي. پر اصل مقابلو پ پ ء آزاد اميدوارن جي وچ ۾ ٿيندو .