جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ ميونسپل ۽ يوسيز جي 25 پولنگ اسٽيشنن کي تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالوحيد پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جي يو آءِ  آفيس کان جلوس ڪڍيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ شھرين، اميدوارن ۽ ڪارڪنن شهر  جي مختلف رستن تان ٿيندي ڌانڌلي نامنظور، من پسند پولنگن ۽ عملي جي مقرري نامنظور جا نعرا هنيا پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊي آر او کي درخواستون ڏيڻ باوجود پ پ جي اميدوارن جي چوڻ تي ڀوتارن جي گھرن ۽ اوطاقن ۾ پولنگون مقرر ڪيون ويون آھن جيڪي ڪنهن صورت م قبول ناهن  جيڪڏهن من پسند پولنگون ۽ عملو واپس نه ڪيو ويو ته ان جو گهيراءُ ڪيون ويندو.