مٺياڻي (ن پ ا) ڪچي ۾ ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ باوجود نوشهروفيرز ضلعي جي انتظاميا پاران بچاءَ جا حفاظتي اپاءَ توڙي بند کي مضبوط ڪرڻ جا ڪي به قدم ناهن کنيا، درياهه ۾ چاڙهه سبب مٺياڻي، ڀورٽي، مڃٺ، پراڻا جتوئي، ڏيپارجا، سهڙا ۽ مراد  ڪوريجو سميت ٻين هنڌن جي رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، ڳوٺاڻن موجب پاڻي هن وقت ڀورٽي، ڪوڙيجا ڀاڻ ۽ مٺياڻي وٽ بچاءَ بند سان ٽڪرائجي ويو آهي، علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ياسين چانڊيو، آصف علي، شوڪت علي، اصغر علي ۽ ٻين چيو ته 2010 واري مها ٻوڏ بعد مٺياڻي بچاءُ بند انتهائي ڪمزور ٿي ويو هو، جڏهن ته تازين طوفاني برساتن پوڻ ڪري بند کي مختلف هنڌن تي وڏا کڏا پڻ پئجي ويا آهن، جنهن سبب بند زبون حال بڻيل آهي ۽ ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته بند جي مرمت ڪرائي ٻوڏ جي تباهي کان بچايو وڃي،