ڪڙيو گهنور( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور جي نئون واھ اسٽاپ تي ڪڙيو واھ  نئون واھ جي آبادگارن ۽ ھارين پاڻي جي کوٽ خلاف  نياز گهرام نظاماڻي، علي اڪبر نظاماڻي، الهجڙيو سمون ،  حاجي اشرف نوتڪاڻي ،حاجي عظيم نوتڪاڻي، غلام  رسول خيبر، محمد عمر سولنگي  ، ميرمحمد مهيري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 5 ڪلاڪ  ڌرڻو  ھڻي گولاڙچي ۽ حيدراباد روڊ بند ڪري ڇڏيو  ، ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته اسان وٽ برساتون نارمل پيون آھن ، جتي ٻوڏ آھي اتي پاڻي بند ڪيو وڃي اسان لاڙ جي پٽي جو دارومدار ساريال جي فصل تي آھي ،  پاڻي نه ڏيئي ڪري اسان جي ٻچن جي وات جو گره کسيو ٿو وڃي ، جيڪو اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏينداسين ، هن سال پاڻي نه اچڻ ڪري ساريال جو فصل تمام پوئتي ٿي ويو آھي ، حڪمران سدائين هارين ۽ آبادگارن کي پريشان ڪيو آھي ڪڏهن پاڻي بند ڪري ته ڪڏھن ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري ، حڪمران چاهين ٿا ته سنڌ جو آبادگار ڪنگال هجي،  پاڻي جي هٿرادو کوٽ  ڪري آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ سان هميشه ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو آھي ، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ذميوار ايريگيشن ڏپارٽمنٽ ۽ سنڌ حڪومت آھي. هوڏانهن روڊ کولرائڻ لاء ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور عبدالجبار ملڪ پهتو پر آبادگارن روڊ کولڻ کان انڪار ڪيو ان موقعي تي ڌرين ۾ ڏند چڪ به ٿي پئي، ان بعد ايس ڊي او ايريگشن منظور شاهاڻي به آبادگارن جي ڌرڻي ۾ پهتو پر آبادگارن نه ٻڌي بعد ۾ صوبائي صلاڪار حاجي رسول بخش چانڊيو جي ڀاء نانا حاجي مبارڪ چانڊيو ڳالهيون ڪري پاڻي وڌائي ڏيڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪرايو.