سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڇهني يوسين عرضي ڀٽو، حيدر چانڊيو، ڪوٽ لعل بخش مھيسر، ٺوڦ چوسول، سجاول جوڻيجو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو،شهري پنهنجي مد پاڻ گهرن گهٽين مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ  لڳا، محبوب ڀٽي، لطف الله ابڙو، عابد ڀٽي، جاويد لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوٽ لعل بخش مھيسر، عرضي ڀٽو ۽ ٺوف چوسول جا ڊرينيج ڊسپوزل ناڪاره بڻجي ويا آهن، ناليون ٽٽي لٽجي ويون آهن. روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن، صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن، ترقياتي ڪم ڪرائي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو.